جل ڌاڻا

جل ڌاڻا: جل ڌاڻا ٻوٽي جو قد 3/1 ميٽر کان هڪ ميٽر تائين هوندو آهي. هن جا پن ڌاڻن سان ملن ٿا، انهيءَ ڪري هن جو نالو جل ڌاڻا رکيو ويو آهي. هي هميشه پاڻيءَ جي پاسي کان ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري به هن جو اهو نالو رکيو ويو آهي. هن ۾ ننڍڙا هيڊي رنگ جا گل ٿيندا آهن ۽ ان ۾ ننڍي آني وانگر ڦل ٿيندا آهن، جيڪي ٻڪن جي ڦل سان ملندڙ جلندڙ، پر ننڍا هوندا آهن. هي ٻوٽو ندين نالين تي عام جام ٿئي ٿو. سنڌ ۽ پختونخواه صوبن کان سواءِ هندستان جي اتر پرديش، بنگال ۽ بهار ۾ به ٿئي ٿو. هن کي سنسڪرت ۾ ’ڪانڊير‘، هنديءَ ۾ ’لٽوڪري‘، انگريزيءَ ۾ ’Celery Leaves‘ ۽ لاطينيءَ ۾ ’Ranunculus Sceleratus‘ چون ٿا. هن جو مزاج گرم ۽ خشڪ آهي.



لفظ جل ڌاڻاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو